سانگھڙ: ايندڙ بلدياتي اليڪشن ۾ سانگهڙ ضلعي مان مخالفن کي شڪست ڏينداسين، سانگهڙ ضلعو پ پ جو قلعو بڻجي ويو آهي، تيل ڪمپنين مان سانگهڙ ضلعي کي 277 اسڪيمون ڏنيون ويون آهن. اهڙو اظهار سانگهڙ ضلعي جي آئل اينڊ گئس جي چيئرمين ۽ سينيٽر امام الدين شوقين هرداساڻي هائوس پهچي تازو پ پ ۾ شامل ٿيندڙ اقليتي اڳواڻ راجيش ڪمار هرداساڻي کي مبارڪباد ڏيڻ بعد صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته راجيش جي اچڻ سان سانگهڙ ضلعي اندر پ پ مضبوط ٿيندي، پ پ کي راجيش جهڙن نوجوانن جي ضرورت آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته تيل ڪمپنين مان سانگهڙ ضلعي کي هڪ ارب 20 ڪروڙ جون 277 اسڪيمون ڏنيون آهن، جن مان تعليم جي ڀلائي لا 25 کان وڌيڪ اسڪيمون آهن. تحريڪ انصاف اليڪشن جي تيارين ۾ وڃي رهي آهي، ڀلي شوق پورو ڪري، پ پ اليڪشن لا هر وقت تيار آهي، جيڪا پارٽي عوامي پارٽي هجي، ان کي اليڪشن جو ڪو ڊپ ناهي. پ پ اڳواڻ ۽ ٽڪيٽ هولڊر معشوق چانڊيو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سانگهڙ ۾ پيپلز پارٽي ۾ ڪي به اختلاف ناهن، اها مخالفن جي هڪ پروپيگنڊه آهي. ايم اين اي نويد ڏيرو سان ڪي به اختلاف ناهن، عابد فاروق اسان جو ماڻهو آهي، پ پ کي ڇڏي ڪنهن پارٽي ۾ نه ويندو. ان موقعي تي مارڪيٽ ڪميٽي جو وائيس چيئرمين اقبال يوسفزئي، محراب چانڊيو، محمد خان چانڊيو ۽ ٻيا موجود هئا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close