سنڌ

سنڌ ۾ هائوسنگ اسڪيمن لا گرين بيلٽ لازمي قرار

سنڌ سرڪار گرمي ۾ واڌ سبب وڻن جا ٻوٽا نه لڳائڻ وارين نئي ھائوسنگ اسڪيمز ۽ سوسائٽيز کي ماحولياتي اين او سي نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ماحوليات واري صوبائي وزير اسماعيل راھو جي صدارت ۾ اھم اجلاس ٿي گذريو، جنھن ۾ ڊي جي سيپا نعيم مغل سميت ٻيا آفيسر به شريڪ ٿيا. اسماعيل راھو وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت گرمي ۾ واڌ سبب وڻن جا ٻوٽا نه لڳائڻ وارين نئين سوسائٽيزکي ماحولياتي اين او سي نه ڏيندي، ڪراچي ۾ وڻن جا ٻوٽا پوکڻ وارين نئي سوسائٽيز کي ئي ماحولياتي اين اوسي ڏني ويندي. اسماعيل راھو ڊي جي سيپا کي ھدايت ڏيندي چيو ته گرمي ۾ واڌ جي پيش نظر صوبي ۾ رھائشي اسڪيمز لا وڻ لڳائڻ جي نئين پاليسي جوڙي وڃي، نئين رھائشي اسڪيمز کي پھريان گرين بيلٽ بڻائڻ لا زمين مختص ڪرڻي پوندي، جنھن کان پو تعميراتي ڪم جي اجازت ھوندي. ماحوليات واري وزير جو وڌيڪ چوڻ ھو ته وڻ ڪٽيندڙ مافياز خلاف به ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويو آھي،موسمياتي تبديلي جي ڪري پوري دنيا ۾ گرمي جي شدت ۾ واڌ ٿئي پئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button