اسلام آبادپاڪستان

وزيراعظم شهباز شريف سان مولانا فضل الرحمان ۽ ايمل ولي خان جي ملاقات

اسلام آباد :وزيراعظم شهباز شريف سان جمعيت علماءِ اسلام ف جي سربراهه مولانا فضل الرحمان ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس موجب ملاقات دوران ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران ملڪ ۾ جمهوريت جي استحڪام ۽ سماجي ڀلائي کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورين سياسي پارٽين سان گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ملاقات دوران ان عزم جو اظهار ڪيو ويو ته سموريون سياسي پارٽيون ملڪي معيشت جي بهتري لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪنديون. هوڏانهن وزيراعظم سان ايمل ولي خان جي سربراهي ۾ عوامي نيشنل پارٽي جي وفد ملاقات ڪئي. وزيراعظم جمهوريت ۽ آئين جي پاسداري ۽ عوامي ڀلائي جي لاءِ عوامي نيشنل پارٽي جي تعاون جا ٿورا مڃيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button