پاڪستانسنڌ

قتل ڪيس جي جوابدار جي عمرقيد سزا ڦاهي ۾ تبديل

ميرپورخاص: ٽنڊو جان محمد ٿاڻي جي حد ۾ 7 سال اڳ پاڻي جي معاملي تي جھيڙي دوران احسان علي جروار قتل ٿي ويو هو، جنھن بعد مقتول جي ڀا جي فرياد تي سڪندر علي جروار تي قتل ڪيس داخل ڪيو ويو، 3 سال اڳ ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ جي عدالت جوابدار سڪندر علي جروار کي ڏوهھ ثابت ٿيڻ تي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ھئي، جنھن بعد جوابدار ھائي ڪورٽ ۾ سزا خلاف اپيل ڪئي، ھائي ڪورٽ جي حڪم تي ٻيھر ساڳئي ڪورٽ ۾ ڪيس ھليو، جتي جوابدار جي عمر قيد جي سزا کي ڦاھي جي سزا ۾ تبديل ڪري ھڪ لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي، جيڪا مقتول جي وارثن کي ادا ڪئي وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button