پاڪستانسنڌ

ڪنري ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، نوجوان گولي هڻي قتل، ٻيو زخمي

ڪنري: ڪنري جي مين آمريڪن چوڪ تي ون فائيو سينٽر سامهون بلوچن جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو. موٽرسائيڪل سوار ٽن جوابدارن حملو ڪري فائرنگ ڪري ڏني، جنهن ۾ گوليون لڳڻ ڪري 18 سالن جو نوجوان احمد بلوچ ۽ اسامه بلوچ شديد زخمي ٿي پيا، زخمين کي تعلقي اسپتال آندو ويو، جتان حالت خراب هئڻ سبب احمد ولد پير بخش بلوچ کي حيدرآباد نيو پئي ويو ته رستي ۾ هن دم ڏئي ڇڏيو. مقتول جو لاش تعلقي اسپتال آندو ويو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. ٻئي پاسي ٿاڻي تي مقتول جي ڀيڻ جي فرياد تي سلمان بلوچ ۽ ظفر بلوچ ٽن جوابدارن خلاف قتل ۽ جهيڙي جو ڪيس داخل ڪيو ويو، هڪ جوابدار جي گرفتاري جا اطلاع آهن. واضع رهي ته بلوچ پاڙو منشيات ۽ غير قانوني هٿيارن جو ڳڙهه بڻيل آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button