پاڪستان

ٽنڊوالهيار ۾ ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر، 3 دوست فوت، 2 زخمي

ٽنڊوالهيار: ٽنڊوالهيار ۾ حادثي ۾ 3 دوست فوت ۽ 2 زخمي ٿي پيا. رپورٽ موجب ٽنڊوالهيار جي ٻٻر پاڙي جي رهواسي گهوٽ ڪامران ٻٻر جي مڱڻي ڪرڻ لا ڳوٺ پهاڙ لغاري ڄڃ وئي. مڱڻي ڪرڻ بعد گهوٽ ۽ گهوٽ جا دوست ٽنڊوالهيار اچي رهيا هئا ته فاضل اسٽاف لڳ ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ميرواهه روڊ جو رهواسي عمران قائمخاني، بلوچ پاڙي جو رهواسي اعظم بلوچ ٻٻر پاڙي جو رهواسي شهباز ٻٻر موقعي تي فوت ٿي ويا. جڏهن ته شهريار خاصخيلي ۽ ورن مارواڙي سخت زخمي ٿي پيا. فوتين ۽ زخمين کي علائقي واسين جي مدد سان سول اسپتال آندو ويو. بعد زخمين کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد نيو ويو. فوتين جا مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button