اسلام آباد : پرڏيهي آفيس جي ترجمان پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو جي آمريڪا وڃڻ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته بلاول ڀٽو 17 مئي تي آمريڪا روانو ٿيندو. هفتيوار ميڊيا بريفنگ ۾ پرڏيهي آفيس جي ترجمان عاصم افتخار چيو ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري 17 مئي تي آمريڪا جي اهم دوري تي روانو ٿيندو ۽ 18 مئي تي سيڪريٽري اين ٽوني بلنڪن سان ملاقات ڪندو. پرڏيهي کاتي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته پرڏيهي وزير آمريڪي قيادت سان اهم ملاقاتون ڪندو. هڪ سوال جي جواب ۾ ترجمان چيو ته ايس سي او جي دهشتگردي جي خاتمي جي ماهرن جو اهم اجلاس 15 مئي تي ڀارت جي ميزباني ۾ نئين دهلي ۾ ٿيندو، جنهن ۾ پرڏيهي آفيس جا اعليٰ عملدار ۽ ماهرن جو وفد شرڪت ڪندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close