حيدرآباد: قومي عوامي تحريڪ جي سربراھه اياز لطيف پليجي سجاول جي پورھيت نريش داس ۽ بدين جي رھواسي پورھيت قاسم سومرو جي قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته لاڙ سميت سڄي سنڌ ۾ بدامني، چورين، ڌاڙن ۽ اغوا جا واقعا وڌي رھيا آھن. ڏوھاري ماڻھو آھستي آھستي طاقتور ٿي رھيا آھن. قانون تي عمل نه ٿي رھيو آھي، پوليس ۾ موجود ڪرپٽ عنصر انصاف ۾ وڏي رڪاوٽ آھن.
اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ جي عوام ايندڙ بلدياتي چونڊن ۾ ڪرپٽ ماڻھن سان مقابلي لا اڳتي اچي. ھي وقت گھر ويٺي تنقيدون ۽ تبصرا ڪرڻ ۽ تصوراتي مشورا ڏيڻ جو نه پر اعتماد ۽ جرئت سان اڳتي اچڻ جو آھي، ٻي صورت ۾ پنھنجو، پنھنجي بقا، وسيلن ۽ وجود جو قومي گھيرو وڌيڪ تنگ ۽ خطرناڪ ٿيندو ۽ اڳتي ھلي وڏو ۽ تاريخي نقصان ٿي سگھي ٿو.