پاڪستانسنڌ

هيٽ اسٽروڪ کان بچاءُ لا ضروري قدم کنيا وڃن: ڊي سي بدين

بدين: ڊپٽي ڪمشنر بدين آغا شاهنواز خان چيو آهي ته هن وقت ملڪ جا ڪيترائي حصا سخت گرمي جي لپيٽ ۾ آهن ۽ هيٽ ويو جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي، جنهن کي نظر ۾ رکندي ضروري آهي ته هر ماڻهو جسماني درجا حرارت معمول تي رکڻ خاص طور تي ٻار، بزرگ يا سج جي روشني ۾ وڌيڪ ڪم ڪندڙ يا گهمندڙ ماڻهو احتياط کان ڪم وٺن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ضلعي انتظاميا بدين طرفان بدين ۾ لڳايل هيٽ ويو ڪيمپ جو معائنو ڪندي ڪيو.

ڊپٽي ڪشنر بدين آغا شاهنواز خان هيٽ ويو کي نظر ۾ رکندي عوام کي صلاح ڏني ته هيٽ اسٽروڪ کان بچاءُ جي سلسلي ۾ اهي بنا ضرورت اس ۾ نڪرڻ کان پاسو ڪن، ڇانو ۾ وقت گذارين ۽ پاڻي يا مشروبات جو استعمال وڌ کان وڌ ڪن، سنها ڪپڙا پائين، بار بار منهن ۽ هٿن کي پاڻي سان صاف ڪن، اس ۾ نڪرڻ وقت پنهنجي مٿي کي ڍڪي رکن ۽ پيٽ جي بيمارين کان محفوظ رهڻ لاءِ پاڻي اٻاري استعمال ڪن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button