اسلام آباد :ملڪ ۾ بجلي جو شارٽ فال وڌي ويو آهي. سسٽم ۾ 5 هزار 300 ميگاواٽ گهٽ ٿي وئي آهي، جنهن سبب مختلف علائقن ۾ 10 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي. پاور ڊويزن جي ذريعن موجب بجلي جي پيداوار 20 هزار 757 ميگاواٽ آهي. جڏهن ته طلب 26 هزار ميگاواٽ آهي. ذريعن ٻڌايو ته پاور پلانٽس 11 هزار 717 ميگاواٽ، نيوڪليئر مان 2 هزار 372 ميگاواٽ، ونڊ ٽربائن مان 535 ميگاواٽ، سولر پاور پلانٽس مان 114 ميگاواٽ ۽ هائيڊرو پاور ذريعن مان 4 هزار 737 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري رهيا آهن. سرڪاري ٿرمل پاور پلانٽس 821 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري رهيا آهن. نجي شعبي جي پاور پلانٽس جي پيداوار 11717 ميگاواٽ آهي. بجلي پيدا ڪرڻ جي ڪل گنجائش 36,039 ميگاواٽ آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close