اسلام آباد :اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري خلاف 25 سال پراڻن ڪيسز ۾ نيب اپيلون هڪ دفعو ٻيهر شنوائي لاءِ تاريخ مقرر ڪري ڇڏي آهي. چيف جسٽس اطهر من الله جي سربراهي ۾ 2 رڪني بئنچ سومر جي ڏينهن شنوائي ڪندو. عدالت نيب کي وڌيڪ عدالتي وقت ضايع نه ڪرڻ ۽ ڪيس جي تياري جي هدايت ڏئي ڇڏي آهي. نيب آصف زرداري جي اُرسس ٽريڪٽر، اي آر واءِ گولڊ ريفرنس ۾ بريت کي چئلينج ڪيو آهي. ايس جي ايس ۽ ڪوٽيڪنا ريفرنسز ۾ به آصف زرداري جي بريت خلاف نيب اپيل شنوائي هيٺ آهي. نيب 7 سال اڳ آصف زرداري جي بريت خلاف اپيل داخل ڪئي هئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close