اسلام آباد :سپريم ڪورٽ جي سينيئر ترين جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته عورتن خلاف ڏوهه ختم ڪرڻ لاءِ قانون هجڻ سان گڏوگڏ عورتن جي عزت ڪرڻ به لازمي آهي. اهڙو اظهار هن صنف جي بنياد تي جنسي تشدد جي واقعن ۽ عدليا جي ردِعمل جي موضوع تي فيڊرل جوڊيشل اڪيڊمي ۽ ليگل ايڊ سوسائٽيءَ جي انتظام هيٺ اسلام آباد ۾ منعقد ٿيل جڊيشل ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته 1979ع ۾ هڪ جابر پاڪستان جي مسلمانن کي بهتر مسلمان بڻائڻ لاءِ اسلامي نظرياتي ڪائونسل ٺاهي. اسان جا سمورا قانون انگريزيءَ ۾ هوندا آهن، ٻين ٻولين ۾ ڇو نٿا ٿي سگهن؟ اڄ تائين اهو سمجهه ۾ ناهي اچي سگهيو. حدود قانون ۾ ڏوهه جي نالن کي پهريون ڀيرو عربي زبان مان ورتو ويو. هن چيو ته ريپ کي زنا بالجبر جي حد ۾ آندو ويو ۽ ان غلطيءَ کي درست ڪرڻ ۾ 27 سال لڳا. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته اسلام واحد دين آهي، جنهن بنيادي ٿنڀ حج ۾ هڪ اهم حصو هڪ عورت جي پير جي ڇاپ يعني سعي کي رکيو. ان موقعي تي اڳوڻي جج جسٽس ناصرا اقبال خطاب ڪندي چيو ته عورتون ۽ ٻار وڌيڪ جنسي تشدد جو نشانو ڄاڻ سُڃاڻ وارن جي ذريعي بڻجندا آهن. هن چيو ته سندس ملازمت منشيات وٺڻ لڳو ۽ هن پنهنجيءَ ڌيءُ کي جنسي تشدد جو نشانو بڻايو، ماءُ ڌيءُ کي وٺي ٿاڻي پهتي ته محرر ڪيس درج ڪرڻ بجاءِ چيو ته اهو سندس گهر جو معاملو آهي. هن چيو ته جنسي تشدد ۽ زيادتيءَ جو نشانو بڻجندڙ عورت جو ڪيس خاص انتظامن ۾ هئڻ گهرجي. جنسي تشدد ۽ زيادتي جي واقعن جو فيصلو 2 مهينن ۾ ٿيڻ گهرجي. غير سرڪاري تنظيمن کي فنڪشن ڪرڻ بجاءِ متاثر عورتن جي قانوني امداد تي وسيلا خرچ ڪرڻ گهرجن. ان دوران سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي جسٽس قاضي امين پنهنجي خطاب ۾ چيو ته عدالت ۾ ويٺل جج رياست جو چهرو هوندو آهي. جنسي زيادتي جا 75 سيڪڙو واقعا رپورٽ ئي ناهن ٿيندا. جنسي زيادتي جي ڏوهه ۾ صرف 7 سيڪڙو جوابدارن کي سزائون خطرناڪ صورتحال آهي. جنسي ڏاڍاي جي ڏوهه جو ٽرائل تيز رفتاريءَ سان ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته پوليس آفيسر کي جاچ لاءِ 500 رپيا ملندا آهن. جڏهن ته جنسي ڏاڍائيءَ جي ڪيس ۾ رڳو ڊي اين اي ٽيسٽ 14 هزارن جو هوندو آهي. جسٽس (ر) قاضي امين چيو ته سيڪس ڪرائيم جي جرح لاءِ سوال ڏيڻ گهرجن، عورتن لاءِ پاڪستان کي هڪ محفوظ ملڪ بڻائڻ جي سخت ضرورت آهي. هن چيو ته گرفتاريءَ کان اڳ ضمانت جي قانون ۾ ڪا گنجائش ناهي. جسٽس ڪارنيليس اها سهولت بي سهارا ماڻهن لاءِ ڏني پر اڄ ريپ سميت وڏن وڏن ڏوهه جو ذميوار به عدالت مان گرفتاريءَ کان اڳ جي ضمانت ڪرائي ٿو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close