اسلام آباد :سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان پنهنجي شڪست ڏسي پيٽرول تي غير قانوني سبسڊي ڏني
ٻين تي آڱر کڻندڙ پنهنجي جلسن ۾ شرڪت لاءِ ڪهڙي حيثيت سان خيبر پختونخوا حڪومت جو هيلي ڪاپٽر استعمال ڪري رهيو آهي؟ هو جيترو ڳالهائيندو، اوترو هن جو چهرو وائکو ٿيندو. ڪالهه اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مريم اورنگزيب چيو ته جڏهن توهان حڪومت ڇڏي ته ڊالر 189 رپيا هو، اڄ جيڪا مهانگائي ٿي رهي آهي، ان جو ذميوار عمران خان آهي. هن چيو ته آءِ ايم ايف سان معاهدي تي صحيح عمران خان ڪري ويو، جڏهن توهان کي خبر پئي ته شڪست ٿي رهي آهي ته توهان پيٽرول تي غير قانوني سبسڊي ڏني. عمران خان غير قانوني سبسڊي ڏئي عوام سان دوکو ڪيو. سندس چوڻ هو ته اسان عمران خان جي ڪيل معاشي تباهين کان عوام کي بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، هو پنهنجي نااهلي جو سوال 4 هفتا پراڻي حڪومت کان ڪري رهيو آهي. هن چيو آهي ته معيشت کي تباهه ۽ برباد ڪندڙ ملڪ تي ايٽم بم ڪيرائي ڇڏڻ جي ڳالهه ڪري رهيو آهي، هي ملڪ کي ڌمڪي ڏئي رهيو آهي. عمران خان ملڪ ۾ انتشار چاهي ٿو، هي سمجهي ٿو ته گارين ۽ ڌمڪين سان پنهنجي مرضي جا فيصلا ڪرائي وٺندو، اهو نٿو ٿي سگهي ته عوام ان کان انهن جي ڪارڪردگي تي سوال نه پڇي؟ سازش جو بيانيو اختيار ڪري پنهنجي ڦرلُٽ ۽ پنهنجي ڪارڪردگي کان عوام جون نظرون نٿيون هٽائي سگهجن. عمران خان پاڪستان جي ساک کي ڪمزور ڪيو، دوست ملڪن سان لاڳاپا خراب ڪيا، پرڏيهي پاليسي تباهه ڪئي، نوجوانن سان ڪوڙ ڳالهايو، پاڪستان جي عوام جي معاشي تباهي ڪئي. چار سال ڦُرلُٽ ڪندڙ نااهل ٽولو چار هفتا پهرين ايندڙ حڪومت کان سوال ڪري رهيو آهي، عمران نيازي کي سوال جو جواب ڏيڻو آهي، سوال ناهي پڇڻو. عمران خان ڪهڙي حيثيت سان هيلي ڪاپٽر استعمال ڪري رهيو آهي؟ ان وٽ ڪوبه سرڪاري عهدو يا اهڙي ڪا پوزيشن نه آهي.سرڪاري وسيلا استعمال ڪري ادارن کي گاريون ڏنيون پيون وڃن، سيالڪوٽ جلسي لاءِ مذهبي ماڳ جي چونڊ ناقابل قبول آهي. تحريڪ انصاف کي ڪنهن جلسي ڪرڻ کان ناهي روڪيو، مسيحي برادري جي جذبن جو احترام ڪرڻ بدران هنن انتشار پکيڙڻ جي ڪوشش ڪئي. ڇنڇر ڏينهن هتي پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته نالائق، نااهل، چور، ڪوڙو، ڪرپٽ، ڪارٽلز ۽ مافيا جو ٽولو چار سال اقتدار سان چنبڙيل رهيو. هنن اختيارن جو ناجائز استعمال ڪندي پارليامينٽ کي آرڊيننس ذريعي هلايو. مريم اورنگزيب چيو ته پاڪستان ۾ ڪنهن کي به خوني مارچ ڪرڻ جو حق حاصل نه آهي، خوني مارچ جون ڳالهيون ڪيون وينديون ته راڻا ثناءُ الله جي ذميداري آهي ته هو عوام کي تحفظ فراهم ڪري. وفاقي وزير چيو ته جڏهن نواز شريف کي اقامه تي ڪڍيو ويو ته ان وقت ڊالر جي قيمت 105 روپيا هئي، جڏهن مسلم ليگ (ن) جي حڪومت ختم ٿي ته ان وقت ڊالر جو قدر 118 روپيا هو ۽ جڏهن پي ٽي آءِ جي حڪومت ختم ٿي ته ڊالر جي قيمت 189 روپيا هئي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ 1947ع کان 2018ع تائين 25 هزار ارب روپيا قرض هو، گذريل ساڍا ٽن سالن ۾ ڊسمبر 2021ع تائين 43 هزار ارب روپين تي پهچي ويو آهي. هڪ اسپتال به ٺاهي سگهيا، دوائون پنج سئو سيڪڙو مهانگيون ٿيون، گيهي جي قيمت 140 روپين کان 600 روپين تائين انهن جي دور ۾ ٿي. مريم اورنگزيب چيو ته مذهب ۽ رياست مدينه جو نالو استعمال ڪري ۽ مخالف ڌر کي موت جي سزا جي چڪين ۾ وجهي سياست ڪرڻ سندس چار سالن تائين وطيرو رهيو آهي. هن پاڪستان جي عوام جو روزگار کسيو، مهانگائي جو بار وڌو ۽ اڄ چئي رهي آهي ته آئون اچي رهيو آهيان، کيس شرم اچڻ گهرجي، کيس شيشو ڏسڻ گهرجي ته جيئن پنهنجو اصل چهرو ڏسي سگهي. هن چيو ته گذريل چئن سالن دوران جيڪي زيادتيون ٿيون انهن کي ورجائڻ اسان جو مقصد نه آهي. هر فيصلو اتحادي پارٽين جي مشاورت سان ٿيندو، شهباز شريف قوم کي خطاب به ڪندو ۽ سمورا اعلان ڪندو. هن چيو ته اڳوڻي دور ۾ نيب نيازي ڳٺ جوڙ هئي، نيب ڪنهن کي گرفتار ڪندي هئي ته ٻن ڏينهن پهرين ان جو اعلان ڪيو ويندو هو ته نيب پرين فلاڻي ماڻهو کي گرفتار ڪندي. هن چيو ته اختيارن جو ناجائز استعمال ڪندي نيب کي يرغمال بڻائي رکيو ويو هو.
وفاقي حڪومت