اسلام آبادپاڪستان

چيني شهرين جي حفاظت اسان جي ذميواري آهي،دهشتگردي واقعي ۾ ملوث ماڻهن کي سزا ملندي:بلاول

اسلام آباد :پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪراچي ۾ دهشتگردي جي واقعي ۾ ملوث ماڻهن کي سخت سزا ڏني ويندي. چيني اسان جا مهمان آهن، انهن جي حفاظت اسان جي ذميداري آهي. پاڪستان ۽ چين سدائين سمورن چئلينجز جو گڏجي مقابلو ڪيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڇنڇر ڏينهن هتي پرڏيهي وزارت ۾ ڪراچي ۾ دهشتگردي جو شڪار ٿيندڙ چينين جي ياد ۾ ڪوٺايل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته اڄ دهشتگردي جو شڪار ٿيندڙ چينين جي ياد ۾ پرڏيهي وزارت ۾ گڏ ٿيا آهيون. چيني استاد پاڪستاني شاگردن کي چيني زبان سيکاري رهيا هئا. اسان ڪراچي ۾ دهشتگردي جي واقعي جي سخت مذمت ڪريون ٿا. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪراچي ۾ دهشتگردي جي واقعي ۾ ملوث ماڻهن کي سخت کان سخت سزا ڏيندي ويندي. پاڪستان ۽ چين سدائين سمورن چئلينجز جو گڏجي مقابلو ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جي صحافين ۽ عوام کي به خصوصي پيغام پهچائڻ چاهيان ٿو. پاڪستان ۽ چين جي دوستي کان سڀ واقف آهن. پاڪستان ۽ چين جي دوستي نه رڳو ٻنهي ملڪن پر عوام جي وچ ۾ به آهي. ان دوستي کي قائم ڪرڻ لاءِ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد بينظير ڀٽو ۽ آصف علي زرداري جو ڪردار سڀني جي سامهون آهي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو چيو ته چينين کي دهشتگردي جو واقعو سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي ۾ پيش آيو آهي. ڪو به پاڪستاني ڪڏهن به برداشت نٿو ڪري سگهي ته اسان جي مهمانن کي ان قسم جو دهشتگردي جو واقعو پيش اچي. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ پاڪستانين جي مهمان نوازي جا مثال موجود آهن. ٻئي طرف پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پرڏيهي وزارت جي آفيسرن جي صلاحيتن تي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب انهن خيالن جو اظهار هن ڇنڇر ڏينهن پرڏيهي وزارت جي آفيسرن سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري آفيسرن کي پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جي ترجيحن جو خاڪو پيش ڪيو. پرڏيهي وزير ان موقعي تي پرڏيهي وزارت جي آفيسرن کي انهن جي ذاتي ۽ پيشيوراڻي ڀلائي لاءِ پنهنجي مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي. پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود به ان موقعي تي موجود هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button