اسلام آباد : پاڪستان اسٽيٽ آفيس اڳوڻي بچاءُ واري وزير پرويز خٽڪ کي منسٽرز انڪليو ۾ واقع سرڪاري گهر کي خالي ڪرڻ جو نوٽيس جاري ڪيو آهي. ميڊيا رپورٽ مطابق اسٽيٽ آفيس جي هڪ عهديدار ٻڌايو ته پرويز خٽڪ کي منسٽر انڪليو جي بنگلي نمبر 28 هن وقت تائين خالي نه ڪرڻ سبب نوٽيس موڪليا ويا آهن. هڪ وزير ڪابينا جي تحليل استعيفا يا ڪابينا مان ڪڍڻ کان پوءِ 15 ڏينهن تائين منسٽر انڪليو ۾ رهڻ جو حقدار هوندو آهي. جڏهن ته ڪابينا جي تحليل کي هڪ مهينو گذرڻ باوجود پرويز خٽڪ هن وقت تائين گهر خالي نه ڪيو آهي. هن چيو ته اسٽيٽ آفيس رهائشگاهه کي خالي رڪائڻ لاءِ گادي واري هنڌ جي انتظاميا کان به مدد گهري آهي. ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد عرفان نواز ميمڻ کي لکيل خط ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر عامر علي خان چيو آهي ته پرويز خٽڪ کي بنگلي نمبر 3 ڊسمبر 2018 تي الاٽ ڪيو ويو هو. وفاقي ڪابينا 10 اپريل 2022 تي تحليل ٿي وئي ۽ هو 15 ڏينهن تائين ان گهر ۾ رهڻ جو حقدار هو. جڏهن ته هن ان وقت تائين هو بنگلو خالي نه ڪيو آهي، جيڪو 19 اپريل تي هائوسنگ اينڊ ورڪس واري وزير مولانا عبدالواسع کي الاٽ ڪيو ويو آهي. ان لاءِ درخواست ڪئي وئي آهي ته اڳوڻي وزير کان رهائش خالي ڪرائڻ لاءِ هڪ مئجسٽريٽ کي ضروري اختيارن سان مقرر ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close