اسلام آبادپاڪستان

بلاول ڀٽو سڀاڻي کان آمريڪا،چين ۽ سوئٽزرلينڊ دورن تي ويندو

اسلام آباد : پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ايندڙ هفتو انتهائي مصروف گذاريندو. سفارتي ذريعن موجب بلاول ڀٽو زرداري جو آمريڪا جو دورو شيڊول آهي. پرڏيهي وزير سڀاڻي آمريڪا ويندو. ذريعن ٻڌايو ته آمريڪا ۾ گلوبل فوڊ سيڪيورٽي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو ۽ آمريڪي پرڏيهي وزير سان ملاقات ڪندو. آمريڪي پرڏيهي وزير 19 مئي تي آمريڪا کان وطن واپس ايندو. 20 مئي تي چين جي شهر گانگرو ويندو. 20 کان 22 مئي تي چين جو ٻطرفو دورو ڪندو. پرڏيهي وزير جو پهريون ٻطرفو دورو چين جو هوندو، چين جي دوري جي دعوت چيني پرڏيهي وزير پاران ڏني وئي. جتي هن سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. 22 مئي تي سوئٽزرلينڊ جي شهر ڊائوس ويندو. ڊائوس ۾ ورلڊ اڪنامڪ فورم اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. ڊائوس ۾ پرڏيهي وزير سائيڊ لائين ملاقاتون به ڪندو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري 25 مئي تي وطن واپس پهچندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button