ڦلجي اسٽيشن: ڦلجي اسٽيشن ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف ايس ٽي پي جي ڪارڪنن فاضل راهو چوڪ کان ريلي ڪڍي ايوان صحافت اڳيان زاهد شاهه، برڪت علي پنھور، شھباز ملڪ، عرفان راجپوت ۽ مظھر علي جهتيال جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو. هنن چيو ته دادو تعلقي جي وڏي ۾ وڏي شھر ڦلجي اسٽيشن کي چونڊيل نمائندن وساري ڇڏيو آھي، ڦلجي ۾ تعليم توڙي صحت جون سهولتون نه ھئڻ برابر آھن. ڦلجي ۾ قائم بي ايڇ يو ۾ منجهند هڪ کانپو علاج جون سهولتون نٿيون هجن. گرلس هائي اسڪول جي بلڊنگ زبون ٿيڻ سبب سالن کان بند آھي، عمارت ٺھرائڻ لا چونڊيل نمائندن توڙي تعليم کاتي جي اعلى عملدارن جي آفيسن جا چڪر ڪاٽيا، پر ڪير ٻڌڻ لا تيار ناهي. هن گهر ڪئي ته اسان کي بنيادي سهولتون ڏنيون وڃن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close