پاڪستانسنڌ

ٿرڙي محبت ۾ بدامني خلاف شهرين جي ريلي

ٿرڙي محبت: ٿرڙي محبت ۾ بدامني چوٽ چڙهي وئي، جنهن خلاف متاثرن چانڊيا چوڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ۽ نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي متاثر شهرين قاسم ڳورڙ، نواب ڳورڙ، نواز ڳورڙ چيو ته ٿرڙي محبت ۽ آسپاس ۾ چوريون ۽ ڦرون روز جو معمول بڻجي چڪيون آهن، پر پوليس خاموشي سان لکين رپين جي ڏيتي ليتي ڪرڻ ۾ پوري آهي. متاثر قاسم ڳورڙ ٻڌايو ته ڪجهه ڏينهن اڳ نامعلوم هٿياربند مون کي يرغمال بڻائي 22 هزار روڪ رقم، موبائل فون ۽ ٻيو سامان ڦري ويا، ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي، ايس ايڇ او اقبال ڪانڌڙو ڪجهه ڏوهاري گرفتار ڪيا، پوليس رقم ۽ ڦر ٿيل سامان هٿ ڪرڻ بدران ڏيتي ليتي ڪري جوابدارن کي آزاد ڪيو. هنن ايس ايس پي دادو عرفان سمون کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي ڦر ٿيل رقم ۽ ٻيو سامان واپس ڪرايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button