پاڪستانسنڌ

ميهڙ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف ايس يو پي جو مظاهرو

ميهڙ: سنڌ يونائٽيڊ پارٽي جي ڪارڪنن ۽ آبادگارن ميهڙ ۾ رائيس ڪئنال ۽ ان مان نڪرندڙ واهن توڙي شاخن ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ واهن جي کاٽي نه ٿيڻ خلاف سڪندر سوڍر، حاجي خان مرفاڻي ۽ عمر تيوڻو جي اڳواڻي ۾ ميهڙ بائي پاس کان ريلي ڪڍي مظاهرو ڪري ميهڙ-گاهي مهيسر روڊ تي ڌرڻو هنيو، جتان وري گهنٽا گهر چوڪ تائين ريلي ڪڍي وئي. اڳواڻن آبپاشي عملدارن خلاف نعريبازي ڪندي چيو ته پاڻي جي سخت کوٽ آھي، هن وقت تائين ڪنهن به واهه جي کاٽي ناهي ٿي، شاخون ۽ واهه سڪي ويا آھن، پاڻي جي کوٽ سبب هن وقت تائين ميهڙ ۾ ڪٿي به ٻيجارو پوکجي ناهي سگهيو. هنن گهر ڪئي ته رائيس ڪئنال ۽ ان مان نڪرندڙ واهن ۽ شاخن ۾ پاڻي ڏئي آبادگارن مان پريشاني ختم ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button