پاڪستانسنڌ

ميهڙ ۾ ٽريزري آفيس دادو جي عملدارن جو مظاهرو

ميھڙ: ميهڙ ۾ ٽريزري آفيس دادو جي انتظاميا پاران اين سي ايڇ ڊي ۽ بيسڪ ايجوڪيشن جي استادن جون 6 مھينن کان پگھارون جاري نه ڪرڻ خلاف استادن ۽ ماسترياڻين استاد اڳواڻن محرم مغيري، ملڪه شمائلا، شمس الدين چانڊيو، مجيب الرحمان مغل، نديم سھارڻ، اسحاق کوسو ۽ عاشق قمبراڻي جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي هنن چيو ته دادو ضلعي جي سوين استادن جي 6 مھينن جي پگھارن جا پئسا سنڌ حڪومت جاري ڪري ڇڏيا آھن، پر ٽريزري آفيس دادو جا عملدار 3 مھينن کان پگهارون جاري نٿا ڪن. عملو اسان کان رشوت گھري پيو، نه ڏيڻ تي اسان کي پريشان ڪري رھيو آهي. هنن چتاءُ ڏنو ته اڄ تائين پگھار نه ٿي ته اسان سڀاڻي ٽريزري آفيس اڳيان ڌرڻو هڻنداسين. ان موقعي تي پ ٽ الف شھيد مخدوم بلاول جي اڳواڻن عبدالصمد ٻگھيو ۽ مجاھد سومرو استادن جي احتجاج ۾ شرڪت ڪري ساٿ ڏيڻ جو اعلان ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button