اسلام آبادپاڪستانخيبرپختونخوا

وزيراعظم جو پشاور ۾ ٻن مقتول سکن جا قاتل گرفتار ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد : وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُالله پشاور ۾ سک برادري سان تعلق رکندڙ ٻن پاڪستانين جي قتل جي سخت مذمت ڪندي ڪي پي ڪي جي چيف سيڪريٽري ۽ آئي جي پوليس کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي. پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير چيو ته ڪي پي ڪي حڪومت اقليتن جي سياست ۾ بلڪل ناڪام آهي. سک برادري سان تعلق رکندڙ ماڻهن جي قتل جا واقعا پهريان به ڪي پي ڪي ۾ پيش اچي چڪا آهن. هن چيو ته صوبائي حڪومت ۽ قانون نافذ ڪندڙ ادارا اقليتي ڪميونٽِي سان تعلق رکندڙ پاڪستاني شهرين جي حفاظت کي يقيني بڻائين. هن چيو ته وزيراعظم جي هدايتن مطابق رنجيت سنگهه ۽ ڪنور سنگهه جي قاتلن کي جلد گرفتار ڪيو وڃي. هن چيو ته مقتولن جي خاندان کي الله صبر جي وڌيڪ طاقت ڏي. هن چيو ته هن خاندان کي يقين ڏياريو ته وفاقي حڪومت ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ ۾ صوبائي حڪومت جي مڪمل مدد ڪندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button