سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ زراعت کاتي جا ڀاڻ جي دڪانن تي ڇاپا، سيمپل هٿ

ڊائريڪٽر پلانٽ پروٽيڪشن سنڌ ذوالفقار علي جاگيراڻي ۽ ڊائريڪٽر زراعت لاڙڪاڻو رياض احمد سومرو طرفان لاڙڪاڻي جي مختلف ڀاڻ جي دڪانن جو دورو ڪري 10 کان وڌيڪ دڪانن تي پيل ڀاڻ جا سيمپل چيڪ ڪرڻ لاءِ پاڻ سان گڏ کڻي ويا. ان موقعي تي ڊائريڪٽر پلانٽ پروڊيڪشن سنڌ ذوالفقار علي جاگيراڻي چيو ته اسان عوامي شڪايتن تي مختلف ڀاڻ جي دڪانن جو دورو ڪري ڪجھه دڪانن تان سيپمل ورتا آهن، جيڪي ليبارٽري طرف موڪلينداسين، جيڪڏهن ڪنهن جو ڀاڻ نقلي نڪتو ته ان خلاف قانوني ڪارروائي ڪري سندس خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button