سنڌ

ڳڙهي ياسين ويجهو 2 موٽرسائيڪل ۽ رقم ڦر، متاثرن جو ڌرڻو

ڳڙهي ياسين ويجهو هٿياربند ڳوٺاڻن کي يرغمال بڻائي تشدد ڪرڻ بعد 2 موٽرسائيڪل، 22 هزار روڪ رقم ۽ 3 موبائيل فون ڦري ويا. گذريل رات دير سان ڳڙھي ياسين ٿاڻي جي حد پير نهال شاهه وٽ ھٿياربند ڳڙھي ياسين کان ڳوٺ دودو ڏيٿو ويندڙ محمد بخش سومرو، امير حمزو ککراڻي ۽ اقبال ميراڻي کي يرغمال بڻائي تشدد ڪري 2 موٽرسائيڪلون، 22 ھزار روڪ رقم ۽ 3 موبائل ڦري ويا. اطلاع تي ڳوٺ دودو ڏيٿو جي ڳوٺاڻن پوليس کي اطلاع ڏنو پر پوليس نه پھتي. ان ڏس ۾ سومرا ۽ ککراڻي برادري جي سوين ماڻھن ڦر ۽ پوليس خلاف محمد بخش سومرو ۽ امير حمزه جي اڳواڻي ۾ شڪارپور لاڙڪاڻو انڊس ها وي کجي باغ وٽ ٽائرن کي باھيون ڏئي احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھڻي روڊ بند ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي ڦر دوران ھٿياربندن ھٿان زخمي ٿيل محمد بخش سومرو، امير حمزه ککراڻي ۽ اقبال ميراڻي ٻڌايو ته اسان ڳڙھي ياسين کان موٽرسائيڪلن تي ڳوٺ دودو ڏيٿو وڃي رھيا ھئاسين ته پير نهال شاهه وٽ ھٿياربندن روڪي ڪري تشدد ڪري ٻه موٽرسائيڪل، 22 ھزار روڪ ۽ 3 موبائل فون ڦري ويا. اطلاع باوجود پوليس واقعي واري ھنڌ نه پھتي ٿاڻي تي وياسين ته پوليس ھٿياربندن پويان وڃڻ کان جواب ڏنو. ھنن چيو ته اسان غريب آھيون پورھيو ڪري گذر سفر ڪندا آھيون اسا جون ڦر ٿيل موٽرسائيڪلون روڪ رقم ۽ ٻيو سامان واپس ڏياريو وڃي. ٻن ڪلاڪن جي ڌرڻي بعد ايس ايڇ او ڳڙھي ياسين پھچي متاثرن کي جلد موٽرسائيڪل ۽ ٻيوسامان واپس ڪرائڻ جي خاطري ڪرائيندي ڌرڻو ختم ڪرائي ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button