سنڌ

ڪشمور ۾ وڌندڙ بدامني خلاف شهري اتحاد پاران احتجاجي مظاهرو

ڪشمور ۽ آسپاس وڌندڙ بدامني، قتل، ڦر ۽ ڀتا خوري خلاف شهري اتحاد جي سڏ تي شهري روڊن تي نڪري آيا. شهرين نادرا چوڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي شهرين پوليس جي نااهلي خلاف سخت نعريبازي ڪئي. شهرين ڪشمور پوليس کان ڪشمور ۾ امن امان جي بحالي جو مطالبو ڪيو. هاڻي ڪشمور ضلعي ۾ بدامني عروج تي پهچي وئي آهي. قبيلائي جهيڙي ۾ هر روز ڪيتريون قيمتي جانيون ضايع ٿي رهيون آهن، هاڻي ڪشمور ۾ به ڀتا خوري جون پرچيون ۽ فون ڪالون ٿي رهيون آهن، شهر جي سياسي سماجي شخصيتن ايس ايس پي ڪشمور ۽ سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو نوٽيس وٺي ڪشمور ضلعي ۾ امن و امان جي بحالي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button