نندوشھر: نندو ۾ زهريلو شراب واپرائڻ سبب نوجوان فوت، خبر موجب نندو ۾ مانسره پاڙي جي رهواسي 35 ورهين جي نوجوان الله ڏنو عرف مغز قمبراڻي زهريلو شراب واپرائڻ سبب فوت ٿي ويو، نوجوان بابت سندس وارثن غلام حسين، مهر علي ۽ ٻين ٻڌايو ته نوجوان شھر ۾ ٺھندڙ زهريلو ڪچو شراب واپرائڻ بعد نشي جي حالت ۾ گهر ۾ بيهوش ٿي ويو.
جنهن کي نندو رورل هيلٿ سينٽر کڻي آياسين جتي ڊيوٽي تي موجود ڊاڪٽر نوجوان جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. ھنن وڌيڪ چيو ته نندو شھر ۾ سرعام منشيات وڪرو ٿئي ٿي پر نندو پوليس ڪوبه قدم کڻڻ لا تيار ناھي، اسان جو نوجوان شراب واپرائڻ سبب پنھنجي زندگي وڃائي آھي، هوڏانهن فوتي نوجوان جي خبر گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، فوتي نوجوان کي مقامي قبرستان ۾ دفنايو ويو.