گهارو: گهارو جي قديم قبرستان جي وڏي ايراضيءَ تي قبضو ڪري وڪرو ڪرڻ خلاف رهواسين پيروز جوکيو، شفيع جوکيو، رحمت الله خليفو، نظير بڪيرو، مصطفيٰ بڪيرو، قاسم روشن، يعقوب چانڊيو، هاشم زنگياڻي، جبار خليفو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي ويئي.
ان موقعي تي ڳوٺاڻن دانهيندي چيو ته بااثرن ۽ روينيو عملي جي ملي ڀڳت سان شهر جي اڌ آباديءَ جي قديمي قبرستان جي وڏي ايراضيءَ تي قبضو ڪري ڪوڙن ڪاغذن ذريعي ڪراچي جي بااثر بلڊرن کي زمين وڪرو ڪئي پئي وڃي، جنهن خلاف اسان مسلسل احتجاج ڪري رهيا آھيون پر انتظاميه ان معاملي تي اسان جي ڪابه ڳالھه ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، هنن مطالبو ڪيو ته شهر جي قديم قبرستان جي ايراضيءَ تان قبضو ختم ڪرائي، ڳوٺاڻن مان بيچيني ختم ڪئي وڃي.