پاڪستانسنڌ

اڏيرولال ۾ آبادگارن جو واٽرڪورس بند ڪرڻ خلاف احتجاج

اڏيرولال: روهڙي ڪينال مان نڪرندڙ نصير واهه ڊويزن جي آر ڊي ون واٽرڪورس جي آبادگارن نصيرواهه ۾ پاڻي هجڻ باوجود واٽرڪورس کي بند ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي آبادگارن الطاف حسين ساهووال، اسلم ڇٽو، عبدالخالق بروهي، هادي بخش کوسو، هيرو ڪولهي، شفيع محمد حاجاڻو، پريو عاقلاڻي، جيون ڪولهي ۽ قادر بخش ساهووال ۽ ٻين چيو ته مسلسل پاڻي جي وارابندي ڄاڻائي ننڍن آبادگارن کي تباهي طرف ڌڪيو پيو وڃي. هنن چيو ته هاڻي ته زمين جو جر به هيٺ ٿيندو پيو وڃي ۽ ڊيزل پڻ مهانگو ٿي ويو آهي، جنهن ڪري بورنگ جو پاڻي به وهائي نه ٿا سگهون.

هنن چيو ته آبپاشي عملدارن پاران پوڇڙي ۾ پاڻي کوٽ جو جواز ڄاڻائي منڍوارن آبادگارن جي نڙي تي لت ڏئي پوکيل فصلن کي تباهه ڪيو پيو وڃي. آبادگارن احتجاج ڪندي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته فوري طور وارابندي ختم ڪري اسان کي تباهي کان بچايو وڃي. هوڏانهن ايس ڊي او ايريگيشن باقر ميمڻ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته پوڇڙي ۾ پاڻي جي شديد کوٽ آهي، جنهن ڪري اڏيرولال کان چانگ تائين اسان کي سمورن واٽرڪورسن کي بند ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، جنهن سبب اسان سمورن واٽرن ڪورسن کي بند ڪري رهيا آهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button