عمرڪوٽ: عمرڪوٽ ۾ يارهين ۽ ٻارهين ڪلاس جي شاگردن سنڌ بئنڪ عملي خلاف ڊي سي آفيس اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪري هڻي ڌرڻو روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو ۽ نعريبازي ڪئي. شاگردن چيو ته يارهين ۽ ٻارهين جي امتحاني فارم جي آخري تاريخ هئڻ باوجود سنڌ بئنڪ جي ملازمن چالان وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو ظلم آهي، بئنڪ عملو من پسند شاگردن کان چالان وٺي رهيو آهي، ٻين جي تذليل ڪري رهيو آهي. هنن گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي چالان جمع ڪيا وڃن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close