سرھاڙي: سرهاڙي ۾ روھڙي ڪئنال جي علي بحر واھه مان نڪرندڙ سرهاڙي شاخ جي آبادگارن پاڻي جي هٿرادو شديد کوٽ خلاف سرهاڙي شاخ جي منڍ تي وڏي انگ ۾ گڏ ٿي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي آبادگارن امداد مگسي، ڪامريڊ رياض مگسي، غلام حسين جمالي، عبدالحفيظ ڪيريو، حسين مگسي، منظور مگسي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سرهاڙي شاخ ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري آبادگارن، ڳوٺاڻن، زميندارن ۽ هارين کي پاڻي لا سڪائي پريشان ڪيو پيو وڃي. چونڊيل نمائندن سان آبپاشي عملدار ٻٽ بڻيل آھن. چونڊيل نمائندا ۽ آبپاشي عملدار سرهاڙي شاخ جو پاڻي هٿ سان بند ڪري زرخيز زمينون هٿ سان بنجر بڻائين چاهين ٿا. ٻيون شاخون هلن پيون، اسان جي سرهاڙي شاخ تي هٿرادو تالا هڻي پاڻي جي کوٽ پيدا ڪئي وئي آهي. شاخ تي بااثرن جو وارو اچي ٿو ته شاخ کولي ٿي وڃي ۽ ننڍن آبادگارن جي واري وقت بند ڪري ظلم ڪيو ٿو وڃي. ھنن اعلى اختيارين کان مطالبو ڪيو ته سرھاڙي شاخ ۾ پاڻي جي کوٽ ختم ڪئي وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close