عمرڪوٽ: عمرڪوٽ ۾ ناري جو گهر جي لانڍي ۾ ٽنگل لاش هٿ آيو. وارثن ناري جي سهري، مڙس ۽ سس مٿان تشدد ڪري قتل جو جو الزام هنيو. رپورٽ موجب صوفي شاخ ويجهو ڳوٺ انور پلي ۾ 28 سالن جي نانو ڪولهي جو گهر جي لانڍي مان ٽنگل لاش هٿ آيو، اطلاع تي پوليس پهچي لاش لهرائي اسپتال آندو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ وارثن جو چوڻ آهي ته اسان جي ڌي کي سندس مڙس مولچند، سهري ڪرشن، سس سوني ڪولهي ۽ ٻين تشدد ڪري قتل ڪيو آهي، هاڻ جوابدار واقعي کي خودڪشي جو رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪن پيا. نانو ڪولهي تي سهرو، مڙس ۽ سس تشدد ڪندا هئا، جنهن جو ڪجهه ڏينهن اڳ فيصلو به ٿيو هو. رات دير سان مڙس، سهري ۽ سس سخت تشدد ڪري ڌي کي قتل ڪيو ۽ لاش گهر جي لانڍي ۾ ٽنگي ڇڏيو، نياڻي جي جسم تي سخت تشدد ٿيل آهي. هنن گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close