عمرڪوٽ: عمرڪوٽ ۾ وڌيڪ 8 ماڻهو گيسٽرو ۾ وٺجي ويا. 16 ڏينهن دوران 140 کان وڌيڪ مريضن کي سول اسپتال آندو ويو. تازو گيسٽرو ۾ ورتل مريضن ۾ انيل ڪمار، اسد علي، ماران، پنهل، زرينه، علم الدين، اشوڪ ڪمار ۽ ڀگوان داس شامل آهن، جن کي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته شهر جي مختلف علائقن ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي نه هئڻ ڪري گيسٽرو جا ڪيس وڌڻ جو خدشو آهي. روز کان 10 کان وڌيڪ مريض اسپتال پهچن ٿا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close