شاھپور چاڪر: فنڪشنل مسلم ليگ جي اڳوڻي ايم پي اي فقير محمدبخش خاصخيلي، حاجي غلام مصطفى ڪيريو ۽ فقير تاج محمد ڏاھري چيو آهي ته من پسند تڪبنديون ڪري مخصوص آفيسرن کي آر او ۽ ڊي آر او مقرر ڪري انجينئرڊ ڌانڌلي ڪئي پئي وڃي. ھڪ ئي گھر جي ڀاتين جا ووٽ الڳ الڳ وارڊن ۾ داخل ڪرائي عوام کي پريشان ڪيو پيو وڃي. شاھپور چاڪر ۾ فقير ھائوس تي ميڊيا سان ڳالھائيندي اڳواڻن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي بلدياتي اليڪشن ۾ سنڌ حڪومت ۾ ھجڻ جو ڀرپور فائدو وٺي رھي آھي، پنھنجا من پسند تعليم ۽ روينيو کاتي جا عملدار مقرر ڪرائي تڪبندين کان وٺي نتيجا اچڻ تائين جي رٿابندي ڪئي وئي آھي، اسان اليڪش ڪميشن سانگھڙ، شھيد بينظيرآباد، سنڌ توڙي وفاقي اليڪشن ڪميشن کي خط لکيا، پر ڪوبه نوٽيس نه پيو ورتو وڃي. پ پ جي گذريل 15 سالن جي ڪرپشن ۽ بيڊ گورننس سبب سنڌ جو عوام پ پ مان بيزار آھي ۽ شفاف اليڪش ٿيڻ جي صورت ۾ کين واضح شڪست نظر اچي رھي آھي. هنن وفاقي ادارن ۽ اعلى عدليه کان مطالبو ڪيو ته ووٽر لسٽن ۽ تڪبندين ۾ ٿيندڙ ھيراڦيرين کي رد ڪري شفاف اليڪشن ڪرائڻ لا جوڳا اپا ورتا وڃن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close