ميھڙ/خيرپورناٿن شاهه/فريدآباد: فريدآباد ٿاڻي جي حد ڳوٺ گرڪڻ ۾ زال کي وٺڻ لا ويل 33 ورھين جو نوجوان اياز پنھور گوليون لڳڻ سبب قتل ٿي ويو، نوجوان جو لاش سندس دوست منصور ابڙو پنھنجي گاڏي ۾ کڻائي تعلقه اسپتال ميھڙ پھتو، اطلاع تي نوجوان جا وارث تعلقه اسپتال ميھڙ پھتا، جتي نوجوان جي مامي عثمان پنھور صحافين کي ٻڌايو ته اسان ڪي اين شاهه ڀرسان گوزو جا رھواسي آھيون، نوجوان اياز پنھور جي ڳوٺ گرڪڻ جي رهواسي گل پنھور جي ڌي سان شادي ٿيل ھئي، نوجوان کي ٻن نياڻين جو اولاد آھي، نوجوان جو سھرو ڪجھه ڏينھن اڳ پنھنجي ڌي کي گھر وٺي ويو ھو، جنهن تان ناراضگي هئي، جنهن بعد نوجوان پنھنجي زال کي وٺڻ لا ڳوٺ گرڪڻ ويو ته جوابدار منصور ابڙو، گل پنهور، ديدار پنهور، نثار پنهور ۽ دوست منصور ابڙو گڏجي قتل ڪيو آھي. ھن وڌيڪ چيو ته جوابدارن اسان جي نوجوان کي قتل ڪري ظلم ڪيو آھي، اسان سان انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن تعلقي اسپتال ميهڙ جي ڊاڪٽرن موجب نوجوان کي پاسي ۽ سيني ۾ پسٽل جون ٻه گوليون لڳل آھن. فريدآباد پوليس موجب نوجوان جي واقعي جو اطلاع ملندي ئي تعلقه اسپتال ميھڙ پھچي جاچ شروع ڪئي آھي. جڏھن ته قتل ٿيل نوجوان جي وارثن جي الزام بعد پوليس مقتول جي دوست منصور ابڙو کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو. مقتول جي دوست ٻڌايو ته اياز پنھور منھنجو دوست آھي، جيڪو مون وٽ اچي رھندو ھو ۽ ھن جو پنهنجي سھري سان مسئلو ھلندڙ ھو، جيڪو زال کي وٺڻ ويو ته زال نه ملڻ تي نوجوان پاڻ مٿان پسٽل جا فائر ڪري خودڪشي ڪئي آھي. آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close