قمبر تعلقي جي ڳوٺ لئو ميرجت مان 28 ڏينهن اڳ مبينا کنڀي گم ڪيل محمد علي چانڊيو جي آزاديءَ لاءِ وارثن پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي کنڀي گم ڪيل محمد علي چانڊيو جي ڀائرن شوڪت، وهاب، چاچي امداد علي چانڊيو ۽ ٻين دانهيو ته گذريل 19 اپريل جي رات دير سان محمد علي چانڊيو کي سندس گهر مان کنڀي گم ڪيو ويو هو، جنهن کي 28 ڏينهن ٿيا آهن پر ان باوجود سندس ڪو ڏس پتو نه پئجي سگهيو، جنهن ڪري سندس پيرسن امڙ، گهرواري، معصوم ٻارڙا ۽ ٻيا گهر ڀاتي سخت پريشاني ۾ مبتلا آهن. هنن چيو ته محمد علي چانڊيو مٿان ڪنهن ٿاڻي تي ڪو ڪيس داخل ناهي جيڪڏهن ڪو ڪيس داخل آهي ته کيس عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي، کيس بيگناهه کنڀي گم ڪري وڏي زيادتي ڪئي وئي آهي. هنن اختيارين کي اپيل ڪئي ته کنڀي گم ڪيل محمد علي چانڊيو کي آزاد ڪرائي گهر ڀاتين ۾ ڇانيل پريشاني ختم ڪئي وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close