سنڌ

لاڙڪاڻي آر او آفيس ۾ جهيڙو، عوامي اتحاد جي اميدوار تي تشدد، فارم ڦاڙي ڇڏيو

مڪاني چونڊن کان اڳ ئي لاڙڪاڻي ۾ گرما گرمي شروع ٿي وئي. لاڙڪاڻي جي تعلقه رٽرننگ آفيسر جي آفيس ۾ پ پ ۽ عوامي اتحاد جي اميدوارن ۾ جهيڙو ٿي پيو، عوامي اتحاد جي ڪائونسلر جي اميدوار خان محمد اوڍو کي مبينا طور تشدد جو نشانو بڻائڻ ۽ سندس نامزدگي فارم مبينا ڦاڙڻ کانپوءِ عوامي اتحاد جا اڳواڻ ايم پي اي معظم علي عباسي، ناصر محمود سومرو، ڪاظم عباسي، رافع عباسي ۽ ٻيا ڪارڪن ايف آ آر داخل ڪرائڻ لاءِ رحمت پور ٿاڻي تي پهچي ويا. ان سلسلي ۾ عوامي اتحاد جي ڪائونسلر اميدوار خان محمد اوڍو ٻڌايو ته رحمت پور يوسي 24 تي ڪائونسلر لا فارم جمع ڪرائڻ لا جيئن ئي مان رٽرننگ آفيس پهتس ته اتي موجود عامر زيب جتوئي ۽ ڪرم جتوئي سميت ٻين پ پ جي غنڊن غلط ۽ نازيبا زبان استعمال ڪندي منهنجي هٿن مان نامزدگي فارم وٺي ڦاڙي ڇڏيا ۽ منهنجي مٿان لتن ۽ مڪن جو وسڪارو ڪندي مونکي آفيس مان ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن جي اطلاع مان پنهنجي قيادت کي ڏني ته هو فوري طور تي پهچي ويا. ان موقعي تي لاڙڪاڻو عوامي اتحاد جي اڳواڻ ايم پي اي معظم علي عباسي، ناصر محمود سومرو چيو ته جي ڊي اي ڪارڪن مٿان تشدد ۽ سندس نامزدگي فارم کي ڦاڙڻ جي سخت مذمت ڪريون ٿا اهڙا واقعا ڪنهن جي به چڱائي ۾ نه آهن. هنن چيو ته سياست کي سياست ڪري ڏسڻ گهرجي، اهڙن روين سان نفرت ۽ اشتعال انگيزي ڦهلجندي جنهن سان ڪنهن جو به ڀلو ڪونه ٿيندو. هنن چيو ته اڄوڪو واقعو پ پ جي گهٻراهٽ جو ثبوت آهي، پ پ عوامي اتحاد جي مقبوليت ڏسي غنڊا گردي تي لهي آئي آهي جنهن سبب مان پ پ جي شڪست سامهون ڏسي رهيو آهيان. ان کان اڳ پ پ وارا پيا چون ته عوامي اتحاد کي لاڙڪاڻي ۾ اميدوار ئي نٿا ملن پر اڄ زرداري ليگ پاران اهڙي قسم جي غنڊا گردي ڏسي افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو. هنن چيو ته ايس ايس پي لاڙڪاڻو سرفراز نواز شيخ سان رابطو ٿيو آهي جنهن اسان کي يقين ڏياريو آهي ته اڳرائي ڪرڻ وارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي جنهن سبب اسان رحمت پور ٿاڻي تان واپس وڃي رهيا آهيون. جيئن ئي ايس ايس پي پاران رابطو ڪيو ويو ته اسان پهچي وينداسين. جيڪڏهن اسان سان انصاف نه ٿيو ته پاڻ ۾ ويهي ان جو به لائحه عمل جوڙي وٺبو. ان حوالي سان الزام هيٺ آيل عامر زيب جتوئي رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته آئون لاڙڪاڻي نه پر قمبر شهدادڪوٽ ضلعي ۾ آهيان جنهن واقعي سان منهنجو ڪو به واسطو ناهي پر ان باوجود پوليس معاملي جي جاچ ڪري. هوڏانهن آخري اطلاعن تائين اهڙو ڪيس داخل ٿي نه سگهيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button