لاهور: پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي چيو آهي ته حڪومت وقت جي خلاف بي اعتمادي ڪامياب ٿي ۽ اسٽيبلشمينٽ ڪجهه نه ڪيو، ڇا ان کان وڌيڪ نيوٽرلٽي هوندي آهي، تنهن ڪري اهو چوڻ درست ناهي ته هو نيوٽرل ناهن، هو نيوٽرل آهن، ان لاءِ عمران اسٽيبلشمينٽ سان وڙهڻ بدران سياسي مخالفن کي نشانو بڻائي. آمريڪي نشرياتي اداري کي ڏنل انٽرويو ۾ چوڌري پرويز الاهي چيو ته اهڙي ڳالهه نه ڪرڻ گهرجي جنهن سان فائدي بدران نقصان ٿئي، حڪومت وقت جي خلاف بي اعتمادي ڪامياب ٿي ۽ اسٽيبلشمينٽ ڪجهه نه ڪيو، ڇا ان کان وڌيڪ نيوٽرلٽي هوندي آهي، تنهن ڪري اهو چوڻ درست ناهي ته هو نيوٽرل ناهن، هو نيوٽرل آهن. هن چيو ته اسان جي به ڪوشش آهي ته عمران خان ۽ اسٽيبلشمينٽ جا لاڳاپا بهتر هجن، خان صاحب وٽ جڏهن به ويس ته اهو ئي چيو ته اسان کي ويڙهه وارو ڪم ناهي ڪرڻو، ڪو فائدو ناهي، اسان جي ڊائريڪشن اها هجڻ گھرجي ته اسان سياسي مخالفن کي هٽ ڪريون.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close