سنڌ

ڏهرڪي ۾ چونڊ سرگرميون،اميدوارن جا نامزدگي فارم جمع

ڏهرڪي ۾ مڪاني چونڊن جون سرگرميون تيز ٿي ويون آهن، نامزدگي فارم جمع ڪرائڻ جي آخري ڏينهن تي مهر گروپ اڳواڻ منير مهر، اڳوڻي تعلقي ناظم ميان شفيق احمد ۽ ايس ٽي پي اڳواڻ ڄام عبدالفتاح پنهنجي اتحادين ۽ حمايتين سان گڏجي وڏي جلوس جي صورت ۾ آر آو آفيس پهچي نامزدگي فارم جمع ڪرائي ڇڏيا. ان سلسلي ۾ اڳوڻي ٽائون ڪميٽي جي چيئرمين منير مهر پنهنجي اتحادين سان گڏجي شهر جي 14 وارڊن هر هڪ وارڊ 01 تي عبدالحق مهر، 02 لاءِ هندو پنچائت جي مکي انيل ڪمار، 03 حاجي افضل حق مهر، 04 عبدالقيوم آرائين، 05 نياز احمد دايو، 06 ميان اقبال احمد، 07 شاد ٻرڙو، 08 منير مهر، 09 ميان اقبال، 11 چوڌري اڪرام الحق، 12 امان الله ملڪ، 13 چوڌري نور الحق ۽ 14 ظفر دين ملڪ، جڏهن ته آزاد گروپ تي اڳوڻي تعلقي ناظم ميان شفيق احمد قادري پڻ شهر جي سڀني وارڊن تي پنهنجي اميدوارن سميت پاڻ 05 ۽ 12 نمبر وارڊ تي پنهنجا نامزدگي فارم جمع ڪرائي ڇڏيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button