پاڪستانسنڌ

سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف چمبڙ ۾ عوامي تحريڪ جو احتجاج

چمبڙ: سنڌ ۾ پاڻي جي ھٿرادو کوٽ خلاف چمبڙ ۾ عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن ٽنڊوالهيار-ٽنڊو غلام علي مين روڊ تي واڍا بائونڊري وٽ عبدالرحمان، عبدالله مڱڻھار، محمد صديق اوٺو ۽ محسن اوٺو جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪري بک هڙتال ڪئي. اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پاڻي جي کوٽ جو مسلسل مسئلو آهي، انهي ڪري سڄي سنڌ ۾ مسلسل اسان جي جدوجهد جاري آهي، اسان جي پوکيل ڪپهه، سارين ۽ ٻين فصلن جو پاڻي بند ڪيو ويو آهي، ربيع جي ٽائيم تي پاڻي ڏيڻو هو، پر ڊئم ڀريا پيا وڃن، جيڪي گليشر ڳريا آهن، انهن جو سڄو پاڻي ڊئمن ۾ وڃي پيو، پنجاب ڪئنالن جي نالي تي ڌاڙيل واھه ٺاهيا آهن، جن ذريعي روز سنڌ جو هزارين ڪيوسڪ پاڻي چوري ڪيو پيو وڃي. 91ع ٺاهه موجب 7 هزار ڪيوسڪ پاڻي ڪوٽڙي بئراج لا نٿو ڇڏيو وڃي، جيڪو ظلم آهي. هنن چيو ته تعلقي چمبڙ اندر به ساڳئي صورتحال آهي، زرعي توڙي پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ آهي، آبپاشي عملو رشوت وٺي پاڻي وڪرو ڪري پڇڙي وارن کي تباهه ڪري رهيو آهي. هنن گهر ڪئي ته پاڻي ڏئي فصل ۽ زمينون بچايون وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button