مٺي: مٺي ۾ آر او پلانٽس ملازمن 19 مهينن کان پگهارون نه ملڻ خلاف ڦانگاريو ٿرڪول روڊ تي 4 ڪلاڪ ڌرڻو هنيو. رپورٽ موجب مٺي ۾ 19 مهينن کان پگهارون نه ملڻ خلاف آر او پلانٽس جي ملازمن عرفان بجير، بابو مهراڻ پوٽو، خدابخش بجير، ڪوير ميگھواڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڦانگاريو چيڪ پوسٽ تي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنهن سبب ٽرئفڪ جام ٿي وئي، ملازمن مظاهرو ڪري ڪيترائي ڪلاڪ ڌرڻو هنيو ۽ نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي ملازمن چيو ته آر او پلانٽس جي ساڍا 7 سئو ملازمن کي 19 مهينن کان پگهارون نه ملڻ ڪري گهر ۾ فاقاڪشي واري صورتحال آهي، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي جا ڪامورا، اوسلو ڪمپني انتظاميا ۽ ٺيڪيدار پگهارن لا ڪوڙا دلاسا ڏئي دربدر ڪري رهيا آھن. هنن چيو ته اسان ضلعي انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندن کان ڪيترائي ڀيرا مدد گهري، پر ڪنهن به نوٽيس نه ورتو. پبلڪ هيلٿ کاتي پاران 39 ڪروڙ رپيا بجيٽ اوسلو ڪمپني کي رليز ڪئي وئي آهي، جيڪا هڙپ ڪئي وڃي ٿي. ٻئي پاسي 4 ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت تائين جاري رهندڙ ڌرڻي دوران ڊي ايس پي مٺي، اي سي مٺي، ايس ايڇ او، ايس ڊي او پبلڪ هيلٿ ۽ ٻيا پهتا. ان موقعي تي عرفان بجير، ڪوير ميگهواڙ، بابو مهراڻپوٽو، جميل، مقبول جوڻيجو، علي قطب سمون، هيمن ڀيل، خدابخش ۽ ٻين چيو ته 2 ڏينهن ۾ پگهارون جاري نه ٿيون ته اڄ مين ٿر ڪول روڊ بند ڪنداسين. هنن ڊي سي مٺي ۽ پبلڪ هيلٿ کاتي جي سيڪريٽري کان گهر ڪئي ته اسان کي 19 مهينن جون رهيل پگهارون جاري ڪري پڪو ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close