پاڪستانسنڌ

“اڳوڻي يوسي چيئرمين کي چيئرميني ڏيو” راڌڻ ڀرسان جيالن جو ڪٺ

راڌڻ: “اڳوڻي يوسي چيئرمين کي چيئرميني ڏيو” راڌڻ ڀرسان جيالن جو ڪٺ. راڌڻ ڀرسان ڳوٺ يار علي چانڊيو ۾ جيالن جو ڪٺ ٿي گذريو، جنهن ۾ امير علي چانڊيو، منظور علي چانڊيو، سرائي سونو خان، منظور علي جوڳي، شعبان علي جوڳي، جمن اوڏ ۽ غلام مصطفيٰ چانڊيو سميت وڏي انگ ۾ ماڻھن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي جيالن پ پ اڳواڻن کي سيهڙ جي اڳوڻي يوسي چيئرمين محمد اسماعيل چانڊيو کي چيئرميني جي ٽڪيٽ ڏيڻ جي گهر ڪئي. جڏهن ته ڳوٺاڻن هٿن ۾ هٿ ڏئي محمد اسماعيل چانڊيو جو ساٿ ڏيڻ جو اعلان ڪيو، جڏهن ته ڪٺ بعد جيالن محمد اسماعيل چانڊيو جي حمايت ۾ ريلي به ڪڍي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button