سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه استادن جي ڀرتي واري پاليسي 2021 تي نظرثاني ڪرڻ کانپوءِ بچيل 4250 غير فعال اسڪولن کي فعال ڪرڻ لاءِ پاسنگ مارڪون 55 سيڪڙو مان گهٽائي 50 سيڪڙو مرد (مسلمان) لاءِ ۽ عورتن توڙي اقليتن لاءِ 50 سيڪڙو مان گهٽائي 40 سيڪڙو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ان کان اڳ، ڀرتي جي پاليسي يونين ڪائونسل سطح تي هوندي هئي ۽ هاڻي اها تعلقي سطح تي ڪئي وئي آهي، تنهن ڪري لاڳاپيل تعلقي ۾ پوسٽن جي دستيابي وري شرط تي گهٽ ۾ گهٽ 40 سيڪڙو مارڪون حاصل ڪندڙ سڀني اميدوارن کي ڀرتي ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڱاري ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ هڪ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي تعليم وارو صوبائي وزير سيد سردار شاهه، صوبائي وزير آبپاشي ڄام خان شورو، قانون وارو صلاحڪار مرتضيٰ وهاب ۽ لاڳاپيل سيڪريٽري پڻ موجود هئا. وڏي وزير چيو ته استادن ۾ پي ايس ٽي ۽ جي ايس ٽيز جي ڀرتي جو بنيادي مقصد اسڪولن ۾ استادن جي فراهمي ۽ تعليمي نظام کي زوال کان روڪڻ آهي، ڇو ته استادن جي شديد کوٽ سبب هزارين اسڪول بند ٿي ويا آهن. هن چيو ته هن وقت سڄي سنڌ ۾ استادن جون 54 هزار پوسٽون آهن، جن ۾ 36 هزار پرائمري اسڪول ٽيچر ۽ 18 هزار جونيئر ايليمينٽري اسڪول ٽيچرز شامل آهن. هن چيو ته استادن جي ضرورت کي ڏسندي ۽ انهن جي تڪڙي ڀرتين ۽ سکيا کي يقيني بڻائيندي استادن جي ڀرتي واري پاليسي- 2021 جي شقن ۾ نرمي/ ترميم ڪرڻ جي ضرورت آهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته 6783 اسڪول آهن، جيڪي استادن جي غير موجودگيءَ سبب بند پيل آهن. هن چيو ته موجوده ڀرتي واري عمل ذريعي 2533 اسڪول کوليا ويا آهن پر اڃا تائين 4250 استادن کان محروم آهن. هن چيو ته استادن جي ڀرتي واري پاليسي 2021 تي نظرثاني ڪرڻ ۽ پاسنگ مارڪون 55 سيڪڙو کان گهٽائي مرد (مسلمان) لاءِ 55 سيڪڙو ۽ 50 سيڪڙو عورتن ۽ اقليتي اميدوارن لاءِ 40 سيڪڙو ڪرڻ ضروري ٿي ويو آهي ته جيئن استادن جي کوٽ کي پورو ڪيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته مختلف قابل اميدوارن ۽ سخت علائقن لاءِ پاسنگ مارڪون اڳ جيان 33 سيڪڙو رهنديون. وڏي وزير چيو ته پاسنگ مارڪ 40 سيڪڙو ڪرڻ باوجود به 18 تعلقن ۾ استادن جي کوٽ آهي. هن اعلان ڪيو ته مختلف ضلعن جي انهن 18 محروم تعلقن ۾ 40 سيڪڙو کان گهٽ مارڪون حاصل ڪندڙ اميدوارن کي خاص ڪورسز ۾ موقعو ڏنو ويندو ۽ انهن جي ڀرتي لاءِ ٿرڊ پارٽي پاران ٽيسٽ پاس ڪرڻ جو موقعو ڏنو ويندو. مراد علي شاهه چيو ته پاليسي تي نظرثاني ڪرڻ کانپوءِ بند پيل پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪولن کي فعال ڪرڻ لاءِ 50 هزار کان وڌيڪ استاد ڀرتي ڪيا ويندا. امن امان بابت ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته صوبي ۾ خاص طور تي امن امان جي صورتحال ڪنٽرول هيٺ آهي پر سماج دشمن ۽ رياست دشمن ٽولن بدامني پيدا ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي آهي پر اسان انهن جي ناپاڪ ارادن کي ساڀيان ٿيڻ جي اجازت نه ڏينداسين. سيد مراد علي شاهه چيو ته جڏهن بولٽن مارڪيٽ واقعو پيش آيو ته هو ابوظهبي ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو سان گڏ متحده عرب امارات جي حڪمران جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪرڻ لاءِ ويو هو. هن چيو ته آئون پنهنجو دورو مختصر ڪري ڪراچي موٽي آيو آهيان. هن وڌيڪ چيو ته رات سوا هڪ وڳي پهچڻ تي لاڳاپيل پوليس آفيسرن سان هڪ هنگامي اجلاس ڪيو. وڏي وزير چيو ته هن پوليس اهلڪارن کي ٻڌايو آهي ته اها انٽيليجنس جي ناڪامي آهي ته هڪٻئي پٺيان ٽي واقعا ٿيا آهن. هن چيو ته جڏهن هڪ دهشتگرد بيگ کڻي ڪراچي يونيورسٽي ۾ داخل ٿيو ته سندس بيگ کي چيڪ ڇونه ڪيو ويو. هن چيو ته پوليس شهرين کي آگاهي ڏيندي ته جڏهن به ڪابه شڪي سرگرمي ڏسن ته 15 کي اطلاع ڪن. هن چيو ته پوليس مارڪيٽن ۾ دڪاندارن سان ڳالهائيندي ته جيئن انهن جي پارڪنگ لاٽ ۾ مناسب نگراني رکي وڃي ۽ انهن جو پرائيويٽ سي سي ٽي سسٽم لڳايو وڃي. سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ بابت ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته ڪو شڪ ناهي ته سسٽم ۾ کوٽ آهي پر اسان جو مسئلو پاڻي جي ورڇ جو آهي. هن چيو ته سندس حڪومت کي ارسا تي سخت تحفظات آهن. سيد مراد علي شاهه چيو ته صوبن کي ٻڌايو ويو هو ته خريف دوران 8 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ هوندي. خريف جي شروعات ۾ سنڌ ۽ پنجاب کي 22 سيڪڙو ۽ 13 سيڪڙو کوٽ کي منهن ڏيڻو پوندو، حقيقت اها آهي ته کوٽ سنڌ ۽ پنجاب ۾ برابر هجڻ گهرجي. مراد علي شاهه چيو ته اپريل ۾ سنڌ کي 42 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پيو، جيڪڏهن مئي جا 10 ڏينهن ملن ته سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ 51 سيڪڙو ٿي ويندي. سيد مراد علي شاهه چيو ته اڄ (اڱارو) تربيلا وٽ سنڌوءَ جو وهڪرو 89800 ڪيوسڪ آهي ۽ گذريل سال اهو 60400 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو هو، جنهن جو مطلب آهي ته هن سال اسان وٽ 29400 ڪيوسڪ وڌيڪ پاڻي آهي، تنهن هوندي به سنڌ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ کوٽ کي منهن ڏئي رهي آهي. گذريل سال ڪابل ۾ ان فلو 41900 رڪارڊ ڪيو ويو هو ۽ جهلم ۾ 175000 انفلو ٿيو ۽ هي 188000 ڪيوسڪ بڻجي ٿو پر ورڇ خراب آهي- پنجاب ۾ لنڪ ڪئنال کوليا ويا آهن. وڏي وزير چيو ته تونسا پنجاب جو آخري بئراج ۽ گڊو سنڌ جو پهريون بئراج آهي. تازو جڏهن تونسا وٽ پاڻي جو وهڪرو 66000 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو ۽ جڏهن اسان جي پهرين بئراج گڊو وٽ پهتو ته اهو 38000 ڪيوسڪ تي پهتو. هن چيو ته ان جو مطلب آهي ته پاڻي سنڌ پهچڻ کان اڳ ئي کسيو ويو. هن وڌيڪ چيو ته هو اربع تي اسلام آباد وڃي رهيو آهي ۽ وزيراعظم سان ملاقات ڪري پاڻي جي ورڇ واري مسئلي کي حل ڪرڻ جي درخواست ڪندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close