پاڪستانسنڌ

ڪيو اي ٽي جو سنڌ ۾ پاڻي کوٽ خلاف 21 مئي تي مظاهرن جو اعلان

حيیدرآباد: قومي عوامي تحريڪ سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف 21 مئي ڇنڇر ڏينهن تي سڄي سنڌ ۾ مظاھرن جو اعلان ڪيو آهي. ان ڏس ۾ جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڪيو اي ٽي جي سربراهه اياز لطيف پليجو چيو آهي ته هر ضلعي ۽ تعلقي ۾ آبپاشي کاتي جي آفيسن ۽ پريس ڪلبن اڳيان مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويندا. هن چيو ته 20 مئي تي وفد طرفان زميندارن، آبادگارن ۽ واپاري تنظيمن جي اڳواڻن سان ملاقات ڪري احتجاج ۾ شرڪت جي دعوت ڏينداسين. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جا ماڻهو 21 مئي تي گهرن مان ٻاهر نڪري ڌرڻن ۾ شرڪت ڪن. اڪيلا به هجن تڏهن به ٻاهر نڪرن.

هن چيو ته سنڌ ۾ عالمي ۽ اسلامي قانون موجب پاڻي تي پهريون حق سنڌ جو آهي. حڪمرانن جي آسري تي ويهڻ بدران سنڌي ماڻهو پنهنجي حقن لا ٻاهر نڪرن، پاڻي نه هجڻ ڪري ھن وقت سنڌ ۾ انتھائي افسوسناڪ ۽ خطرناڪ صورتحال آھي، سنڌ ۾ پيئڻ لا پاڻي ناهي. ڍور مرن پيا، زمينون ويران ۽ برباد ٿي ويون آهن، خورشيد شاهه پاڻي جو وفاقي وزير آھي پر سنڌ کي پاڻي وٺي ڏيڻ بدران رڳو جاچ جا اعلان پيا ٿين هنن کي پاڻي ڏيڻو ڪونهي. هن چيو ته ارسا ميمبر حبيب عرساڻي سان پاڻي معاملي تي رابطو ڪيم، پر ڪابه وضاحت ڪانهي. هن چيو ته سنڌ سان انتهائي زيادتي ڪئي پئي وڃي، هن چيو ته چيف جسٽس سپريم ڪورٽ، چيف جسٽس ها ڪورٽ کي نوٽيس وٺڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button