سنڌ

ڪراچي ڌماڪو،موٽرسائيڪل مالڪ جي گرفتاري لا ڇاپا

ايم اي جناح روڊ تي ميمڻ مسجد ويجهو اقبال ڪلاٿ مارڪيٽ ۾ ڌماڪي ۾ استعمال ٿيل موٽر سائيڪل جي مالڪ بابت پوليس انڪشاف ڪيو ته هو 6 مهينا اڳ ئي لاڏاڻو ڪري چڪو آهي پوليس کاتي هڪ بيان ۾ چيو ته ڌماڪي کان پوءِ جڏهن موٽر سائيڪل جي مالڪ جي ڳولا ۾ گلستان جوهر ۾ ڇاپو هنيو ته خبر پئي ته شيخ پرويز رحمان 6 مهينا اڳ فوت ٿي چڪو آهي. پوليس مطابق پرويز رحمان جي لاڏاڻي کان پوءِ موٽر سائيڪل ملازم صابر کي ڏني وئي هئي. پوليس صابر جي گرفتاري لاءِ ويجهي ڳوٺ ۾ ڇاپو هنيو، جڏهن ته هو ڇاپي کان اڳ ئي فرار ٿي ويو ۽ سندس فون نمبر به بند آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته صابر جي ڳولا لاءِ وڌيڪ ڇاپا هنيا پيا وڃن. خيال رهي ته ڌماڪي ۾ استعمال ٿيل موٽر سائيڪل جو پتو تباهه ٿيل چيسز جا حصا ڳنڍي لڳايو ويو، جاچ ذريعن جوچوڻ هو ته موٽر سائيڪل نمبر ڪي اي اِي 9658 ۾ بم رکيو ويو هو. بم ڊسپوزل اسڪواڊ جي رپورٽ مطابق آئي اي بي ڊوائيس بم موٽر سائيڪل سيٽ کان هيٺ فريم ۾ رکيو ويو هو. بي ڊي ايس رپورٽ ۾ چيو ويو ته بم جي ريموٽ ڪنٽرول ڊوائيس جي مدد سان آپريٽ ڪيو ويو، بم جو وزن ساڍا 4 ڪلوگرام هو، بم ڌماڪي ۾ 4 ڪلو ڪمرشل ڊائنامائيٽ بارود استعمال ڪيو ويو ۽ اڌ ڪلو بال بيرنگز به استعمال ڪيا ويا آهن. عملدارن جو چوڻ آهي ته دهشتگردن جو حدف پوليس موبائيل هئي، ڌماڪو ان وقت ڪيو ويو، جڏهن پوليس موبائيل ڌماڪي ۾ استعمال ٿيندڙ موٽر سائيڪل جي ويجهو هئي، بم 20 کان 25 ميٽر ڀرپاسي جي ايريا ۾ وڏي تباهي ڪئي ۽ ڌماڪي واري هنڌ تي 3 کان 4 کڏا پئجي ويا، بم ڌماڪي سان پوليس موبائيل، رڪشا، ۽ پنج موٽر سائيڪلن کي نقصان ٿيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button