پاڪستانسنڌ

سجاول ۾ 2 نوجوانن جي مبينا قتل جو ڪيس داخل نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو

سجاول: سجاول جي شهرين پاران ٻن نوجوانن جي مبينا قتل جو ڪيس داخل نه ٿيڻ ۽ وڌندڙ بدامني خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو، خبر موجب 3 ڏينهن اڳ سجاول جي سورج رائيس مل ۾ مبينا طور ڦاهو ڏئي قتل ڪيل پورهيت نريش ڪمار ۽ منشيات سان ڀريل ڪار ڊرائيور پاران موٽرسائيڪل کي ٽڪر هڻڻ سبب فوت ٿي ويل نوجوان امير بخش ملاح جي قتل جو ڪيس داخل نه ٿيڻ خلاف سجاول جي شهرين مامون لاڏو چوڪ کان احتجاجي ريلي ڪڍي پبلڪ پارڪ اڳيان ڌرڻو هڻي احتجاج ڪيو. ان موقعي تي ڊاڪٽر هوتچند، ايس ٽي پي اڳواڻ ممتاز لغاري، مولوي حسن قاسمي، اميرالبحر جي آڪاش ٻاگهل، نظير احمد هٿيار، ايس يو پي جي گل حسن رند، حميد الله سنڌي، ايم ڊبليو ايم جي مظفر لغاري، نثار ميمڻ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سجاول پوليس نااهلي ۽ ونگاري هجڻ جي انتها ڪري ڇڏي آهي، ٽي ڏينهن اڳ نامعلوم قاتلن سورج رائيس مل جي پورهيت نريش ڪمار جا ٻئي هٿ پويان ٻڌي ڦاهو ڏئي قتل ڪيو آهي پر پوليس فقط مل جي ڪجهه مزورن کي گرفتار ڪري خانه پوري ڪئي آهي ۽ ٽي ڏينهن گذرڻ باوجود هن قتل جو ڪيس داخل ڪرڻ بدران هن قتل کي خودڪشي جو رنگ ڏئي رهي آهي، جيڪا پورهيت جي وارثن سان وڏي ناانصافي آهي.

جڏهن ته منشيات سان ڀريل ڪار جي ڊرائيور پاران موٽرسائيڪل کي ٽڪر هڻي فوت ٿي ويل نوجوان امير بخش ملاح جي وارثن پاران انصاف لا هنيل ڌرڻي ۾ وارثن کي قتل جو ڪيس داخل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي وئي، بعد ۾ پوليس وارثن جي فرياد تي نوجوان کان حياتي کسڻ جي ذميوارن تي قتل جو ڪيس داخل ڪرڻ بدران حادثي جو ڪيس داخل ڪرائڻ جو چئي وڏي ناانصافي ڪئي آهي، هنن چيو ته سجاول پوليس انتظاميا پنهنجا قاعده قانون ٺاهي ڇڏيا آهن، هڪ طرف شهر ۾ روز ٻئي ڏينهن چورين ۽ ڦرون جي وارداتن تي ضابطو نٿو آندو وڃي، ٻئي طرف وري شهرين جي پيارن کان حياتيون کسيندڙن خلاف ڪيس به داخل نٿو ڪيو وڃي، جنهن سبب شهرين جي جان ۽ مال غيرمحفوظ بڻجي ويا آهن، هنن مطالبو ڪيو ته سجاول پوليس جي ناقص ڪارڪردگي ۽ نااهلي جو نوٽيس ورتو وڃي ۽ بيگناھه قتل ڪيل ٻن شهرين جي قاتلن تي ڪيس داخل ڪري، وارثن سان انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ اسان سخت کان سخت احتجاج ڪنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button