پاڪستانسنڌ

ڄامشورو ۾ گهر تي مبينا حملو، فائرنگ، گوليون لڳل لاش هٿ، هڪ سوگهو

ڄامشورو: ڄامشورو ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ نورزادي جي گهر تي مبينا حملو ڪري سندس ڀا نظر محمد ۽ مامي ممتاز بروهي فائرنگ ڪئي، جنهن بعد ڳوٺاڻا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا، جڏهن ته ڳوٺاڻن هٿياربند نظر محمد کي سوگهو ڪري پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. ٻئي پاسي گهر تي حملو ڪندڙ ممتاز بروهي جو بسم الله ڪالوني ڀرسان پن مان گوليون لڳل لاش هٿ آيو. ان حوالي سان پسند جو پرڻو ڪندڙ نوجوان نياز بروهي ٻڌايو ته سال اڳ نورزادي سان پسند جو پرڻو ڪيو هو، جنهن بعد زال جي ڀا ۽ مامي گھر تي حملو ڪري مون کي ۽ منھنجي زال کي مارڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڳوٺاڻن بچائي ورتو. ٻئي پاسي ايس ايڇ او عبدالرزاق ڪمانڊو ٻڌايو ته واقعو ذاتي دشمني سبب پيش آيو آھي، پنوعاقل واسي نظر محمد ۽ ممتاز بروھي ڄامشورو ۾ پنھنجي ڀيڻ جي گھر ملڻ آيا ھئا، جن تي ڳوٺاڻن ۽ رھواسين حملو ڪيو، جنهن بعد ممتاز بروھي جو گولي لڳل لاش ھٿ آيو آھي، جنھن کي پوسٽ مارٽم لا اسپتال منتقل ڪيو آھي، سندن وارث ايندا ته ڪيس داخل ڪيو ويندو، جڏهن ته جاچ شروع ڪئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button