اسلام آباد :آرٽيڪل 63 اي تي سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ وزيراعظم جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ اتحادي پارٽين آگسٽ 2023 تائين حڪومت جي حمايت جو فيصلو ڪيو ۽ وزيراعظم کي سمورن قدمن تي مڪمل سهڪار جو يقين ڏياريو. وزيراعظم شهباز شريف آرٽيڪل 63 اي جي تشريح بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ اتحادي جماعتن جو اجلاس گهرايو، جنهن ۾ موجوده صورتحال تي غور ڪيو ويو. ذريعن موجب اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي بنا دير قانوني راءِ ورتي ويندي ۽ ايندڙ چونڊن لاءِ سڌارا جلد مڪمل ڪيا ويندا. ذريعن جو چوڻ آهي ته اتحادين وزيراعظم کي خاطري ڪرائي ته حڪومت سان گڏ آهيون، هر فيصلي ۾ گڏ هونداسين. اتحادين وزيراعظم کي صلاح ڏني ته معيشت جي استحڪام لاءِ تڪڙا قدم کنيا وڃن. ڪالهه وزيراعظم جي صدارت هيٺ حڪومتي اتحاد جي اجلاس ۾ مولانا فضل الرحمان، آصف علي زرداري، خالد مقبول صديقي، اعظم نذير تارڙ، خواجا آصف، سعد رفيق ۽ مريم اورنگزيب شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ پاران جاري ڪيل فيصلي تي غور ويچار ڪيو ويو. جڏهن ته سمورين اتحادي پارٽين آگسٽ 2023ع تائين حڪومت ۾ رهڻ ۽ حمايت جو فيصلو ڪندي يقين ڏياريو ته وزيراعظم جي سمورن فيصلن جي ڀرپور حمايت ڪئي ويندي. ذريعن موجب اتحادين صلاح ڏني ته رپئي جو قدر مستحڪم ڪرڻ لاءِ معاشي ٽيم تڪڙا قدم کڻي، معيشت جي بهتري لاءِ آءِ ايم ايف پروگرام کي فوري طور حتمي شڪل ڏني وڃي. اتحادي اڳواڻن معيشت جي بهتري لاءِ حڪومت جي سخت فيصلن تي ساٿ ڏيڻ جي به خاطري ڪرائي. اجلاس ۾ اتفاق ڪيو ويو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ پنجاب ۾ امڪاني سياسي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيون.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close