قيوم آباد جي علائقي ۾ شهري جي فائرنگ سان ڦر ڪرڻ کان پوءِ ويندڙ ٻه مبينه ڦورو مارجي ويا، پوليس مطابق کير جو واپاري ارسلان پنهنجي دوست کي وٺڻ اقرا يونيورسٽي جي ويجهو آيو هو، دوست کي گاڏي ۾ ويهاري وڃي رهيو هو ته ڦورو ڦرڻ لاءِ پهچي ويا، جوابدارن ٻنهي کان ڦر ڪئي ۽ جڏهن وڃي رهيا هئا ته ارسلان انهن تي فائر ڪيا. فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڦورو ٿڏي تي مارجي ويو، جڏهن ته هڪ زخمي جناح اسپتال ۾ دم ڏنو هڪ جوابدار جي سڃاڻپ پرويز جي نالي سان ٿي جڏهن ته ٻئي جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي، جوابدارن وٽان هڪ پسٽل هڪ بغير چيچس نمبر جي موٽر سائيڪل به ملي آهي. مدعي ارسلان وٽ لائسنس وارو نائين ايم ايم پسٽل آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close