سنڌ

ڏهرڪي ڀرسان عورت جو مامن تي اغوا ۽ وڪري جو الزام

ڏهرڪي ويجهو مڙس سان گڏ مائٽن سان ملڻ ويندڙ عورت منظوران ميراڻي کي مامن مبينا اغوا ڪري 5 لک روپين ۾ ٻي هنڌ وڪرو ڪري ڇڏيو، جنهن کانپو عورت کي خريد ڪندڙ همراهه جڳهه ۾ بند ڪري زبردستي نڪاح مٿان نڪاح ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ته دانهن تي پاڙي وارا گڏ ٿيا تي جوابدار فرار ٿي ويا، جنهن کانپو متاثر عورت منظوران ميراڻي تحفظ لاءِ ڏهرڪي ميڊيا آفيس پهچي چيو ته مون 9 سال اڳ اقبال ميراڻي سان شادي ڪئي،جنهن مان مونکي ٽن ٻارن جو اولاد آهي پر هاڻ منهنجا ماما صديق ۽ ساوند ميراڻي منهنجي پيءُ سومار سان گڏجي مونکي ٻي هنڌ وڪرو ڪرڻ چاهين ٿا. ڪالهه آئون پنهنجي مڙس اقبال سان گڏ موٽر سائيڪل تي مائٽن سان ملڻ ويس ته انهن رستي ۾ منهنجي مڙس اقبال کي مارڪٽ ڪري مونکي ڪار ۾ اغوا ڪري هڪ جاءِ ۾ کڻي ويا، جتي اڳ ئي ويٺل ٽن ڀائر علي حسن، نور حسن ۽ مير حسن کي 5 لکن ۾ وڪرو ڪري هليا ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button