اسلام آباد :سپريم ڪورٽ حڪومتي شخصيتن طرفان جاچ ۾ مداخلت تي پاڻمرادو نوٽيس ورتو آهي. سپريم ڪورٽ چيو آهي ته آفيسرن جي بدلي ۽ جاچ ۾ مداخلت سان انصاف جي نظام ۾ خلل پئجي سگهي ٿو. حڪومتي مداخلت سان ثبوت ضايع ٿيڻ ۽ پراسيڪيوشن تي اثرانداز ٿيڻ جو خدشو آهي. سپريم ڪورٽ موجب احتساب قانونن ۾ تبديلي انصاف جي نظام کي هيٺ ڪرڻ جهڙي آهي. سپريم ڪورٽ پاڻمرادي نوٽيس جي شنوائي اڄ 19 مئي خميس ڏينهن ڪندي. چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 5 رڪني لارجر بئنچ شنوائي ڪندي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close