راولپنڊي (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته اسان جا شهيد ۽ غازي اسان جا اصل هيروز آهن، جيڪي قومون پنهنجي هيروز کي وِساري ڇڏين ٿيون اهي تباهه ٿي وڃن ٿيون، اسان شهيدن جي وارثن جو خيال رکنداسين، جن جي قربانين ڪري اڄ پاڪستان محفوظ آهي. اربع ڏينهن جي ايڇ ڪيو ۾ شهيدن ۽ غازين جي تقريب کي خطاب ڪندي آرمي چيف چيو ته اڄ اسان ٻيهر مادرِ وطن تي قربان ٿيندڙ پنهنجن بهادرن جوانن جي قربانين جو اعتراف ڪندي انهن کي خراجِ عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيا آهيون. هن چيو ته هي جيڪو پاڪستان اڄ محفوظ آهي، جتي اسان رات جو آرام سان سُمهون ٿا، هي انهن آفيسرن، جي سي اوز ۽ جوانن جي رت جي قربانيءَ ذريعي ممڪن ٿيو آهي. جنرل قمر جاويد باجوا چيو ته مان هميشه اهو چوندو آهيان ته اسان جا اصل هيروز اسان جا شهيد آهن، اسان جا غازي آهن. هن چيو ته جيستائين هيءَ دنيا قائم آهي، شهيد جو نالو هميشه چمڪندو رهندو. انهن هن دنيا ۾ به پنهنجو نالو ڪمايو ۽ آخرت ۾ پنهنجو مقام ٺاهيو، جيئن فرمايو ويو آهي ته شهيد جي رت جو ڦڙو ڪِرڻ کان پهريائين ان جي بخشش ٿي ويندي آهي، هو نه صرف پنهنجو پاڻ کي بخشرائيندو آهي پر پنهنجي وارثن لاءِ جنت جا رستا کولي ڇڏيندو آهي. آرمي چيف چيو ته ڪابه قوم، ڪوبه ملڪ پنهنجي شهيدن جي قربانيءَ جو صلو پيش نٿو ڪري سگهي، ڪوئي ٻاهرين قوت، دولت، پئسو ان جو نعم البدل نٿو ٿي سگهي، اسان جي ذميواري آهي ته اسان شهيدن جي وارثن جو خيال رکون ۽ انشاءَ الله اسان انهن جو خيال رکنداسين. هن چيو ته مان مڃان ٿو ته ڪابه سارسنڀال ۽ ڪي به مراعتون شهادت جو نعم البدل نٿيون ٿي سگهن، هڪ والد لاءِ، هڪ والده لاءِ جيستائين هو هن دنيا ۾ زندهه آهي انهن جو ٻچو انهن جي نظر جي سامهون ضرور ايندو. هر روز انهن کي ياد ايندو، هڪ بيوه جنهن جو مڙس هن دنيا مان هليو ويو ۽ اهي ٻار جن جي مٿان انهن جي والد جي شفقت کڄي وئي آهي، انهن کي به ان جي گهٽتائي ضرور محسوس ٿيندي ۽ ان جو ڪوبه نعم البدل نٿو ٿي سگهي.
آرمي چيف چيو ته هي ملڪ توهان جي قربانين جي ڪري قائم آهي ۽ مان توهان کي سلام پيش ڪريان ٿو ته توهان جي قربانين جي ڪري اڄ پاڪستان محفوظ آهي،اها فوج ئي آهي جيڪا هر وقت، هر جاءِ ۽ هر طرح جي آزمائش جي گهڙيءَ ۾ چاهي ٻوڏ هجي، طوفان هجي، زلزلو هجي يا ڪرونا وبا هجي موجود ملندي. ڪوبه حادثو هجي فوج امدادي ڪمن لاءِ بنا ٻُڌائڻ جي اتي پهچي ويندي آهي. هن چيو ته اڄڪلهه بلوچستان جي ڪيترن ئي علائقن ۾ اُلٽي جي وبا ڦهليل آهي اتي پاڻي جي گهٽتائي آهي ۽ فوج اتي پهچي انهن ماڻهن جي خدمت ڪري رهي آهي ۽ صاف پاڻي مهيا ڪري رهي آهي ۽ اسان ان خدمت تي فخر محسوس ڪريون ٿا. جنرل قمر جاويد باجوا چيو ته مان پنهنجن شهيدن جي وارثن کي يقين ڏياريان ٿو ته انشاءَ الله توهان کي ڪڏهن به مايوس نه ڪندس. هن چيو ته دنيا مون کان پُڇي ٿي ته هي واحد فوج آهي جنهن دهشتگرديءَ جو خاتمو ڪيو آهي، ان جو ڪهڙو سبب آهي ۽ پاڪستان ۾ اهڙي ڪهڙي خوبي آهي، مان هميشه ٻُڌائيندو آهيان ته اسان وٽ اهڙيون مائرون آهن جيڪي پنهنجي جگر، اسان جون اهڙيون ڀينرون آهن جيڪي پنهنجن ڀائرن ۽ اهڙا ٻار آهن جيڪي پنهنجو والد ان ملڪ تي قربان ڪرڻ تي تيار رهن ٿا ۽ جيستائين اهڙي اسان جون مائرون ۽ اسان جون ڀينرون موجود آهن ته مون کي ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته پاڪستان کي ڪير نقصان پهچائيندو.